اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار ??ي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ اسان ج?? ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغانستان ج?? صورتحال جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان ج?? ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان ج?? حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان ج?? عوام کي ڪرڻي آهي، اسان ج?? ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ل??ءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن ج?? عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان ا??ڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني ا??ڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار ??ي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.