اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري ??ي استنبول پهچي ويو آهي. استنبول جي گورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تا??ين ترڪي جو دورو ڪري ??هيو آهي. پنهنجي قيام دوران صدر ترڪي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لاءِ ترڪي ??اران تيار ڪيل پهر??ين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم ڪندو.