اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ?? ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئ?? ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.