اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو ??نڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ?? حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شر??ع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ?? حڪومت پاران تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ??يو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ ??ي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اي او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.