اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي ا??م حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏ?? وزير محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏ?? وزير جو صلاحڪار خليق الرحمان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.