اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر وارا پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي بچائڻ جي ??اءِ ڪشمير مسئلي ۽ ڪوورنا کانپوءِ هاڻي ايف اي ٽي ايف تي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا پر انهن کي اين آر او نه ملندو، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي جي ڪاميابي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان ??نهنجي عوام کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ معاشي تحفظ به ڏنو، عورتن ۽ ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙ عنصرن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي، پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان ??وم جي بنيادي اصولن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ڪشمير جي حوالي سان ڀارت سنگين غلطي ڪئي آهي، ڪشميري عوام کي جڏهن به موقعو مليو اها ان جي خلاف اٿي بيهندي، غربت جو خاتمو ۽ شهرن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ چين جي تجربن مان ??ائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ??ي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. ڪوورنا وائرس جي ??با تي ضابطو آڻڻ ۾ موجوده حڪومت جي ڪاميابي جي حوالي سان ??ڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان تي به دٻاءُ هو ته يورپ وانگر هتي سخت لاڪ ڊائون ڪيو وڃي پر اسان جو موقف هو ته پاڪستان جون حالتون انهن ملڪن کان تمام گهڻيون مختلف آهن، ج??ڪڏهن سخت لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته اسان جو غريب طبقو، روزانو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ ڪچي آبادين جي ر??وا??ين جي ??اءِ زندگي اجيرن ٿي وڃي ها. ڀارت ۾ نريندر مودي ان دٻاءُ ۾ اچي سخت لاڪ ڊائون جو غلط فيصلو ڪيو ۽ 4 ڪلاڪن جي ??وٽيس تي ڪرفيو لڳايو، ج??هن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اسان ??وثر ۽ ٺوس حڪمت عملي تحت وقت سر سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??اليسي اختيار ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ ڀارت جي ??عيشت دنيا ۾ سڀ کان ??ڌيڪ متاثر معيشتن ۾ شامل آهي جڏهن ته اسان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهيون جن بهتر حڪمت عملي تحت وبا کي پکڙجڻ کان روڪڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ??عاشري جي غريب طبقي جي ??عاشي تحفظ کي به يقيني بڻايو آهي، اسان جي ان ڪامياب حڪمت عملي جو عالمي سطح تي پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان ڪورونا مان ??ڪري ويا آهيون جڏهن ته اسان کي اڃا به احتياط برقرار رکڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته هن سڄي عمر محنت ڪئي ۽ دٻاءُ ۾ به ڪم ڪرڻ سکيو آهي، جدوجهد ۽ قرباني کانسواءِ ڪو وڏو ليڊر نه ٿو بڻجي سگهي، محبت ۽ جدوجهد انسان ۾ دٻاءُ ۾ صحيح فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي، ج??ڪڏهن آئون سخت لاڪ ڊائون جي حوالي سان دٻاءُ اچي وڃان ??ا ته پاڪستان ۾ به ڪورونا جي حُالي سان حالتون تمام خراب هجن ها. پنهنجي حڪومت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان س??ال تي هن چيو ته سڀ کان اڳ اسان ??اڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، اهو تمام مشڪل وقت هو ڇو ته ڊيفالٽ جا ڏورس اثر پوڻا هئا، عوام تي مهانگي جو بار وڌي ها ۽ سيڙپڪاري ۽ واڌويجهه گهٽ ٿئي ها. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر ۾ واويلا ڪندڙ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ملڪ کي ڪنگال ڪري ويا، هي جمهوري مخالف ڌر نه آهي پر انهن جي ??نٽ پوائنٽ ايجنڊا آهي ته ڪهڙي طرح پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي بچايو وڃي.