اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيش??ل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هزار 186 آهي.