اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) حڪ??مت گذريل سال معيشت، صحت، تعليم، پرڏيهي پاليسي، سماجي ??لائي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون ۽ هدف حاصل ڪيا، ڪشمير مسئلي کي موثر طريقي سان سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪيو وي??، مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ عصمت دري جي روڪٿام جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي، افعان امن بحالي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، روانگي واپار جي حوصلا افزائي لاءِ رليف پيڪيج ڏنو وي??، جولائي کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بلينس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو، جولائي کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي اضافي سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو رهي آهي،
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بلند ترين سطح تي رهيا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وي??، ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم منصوبن تي ڪم جاري آهي، ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ موثر حڪمت عملي ٺاهي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت 20 هزار گهرن جي تعمير جي لاءِ 100 ارب رکيا ويا، احساس پروگرام تحت تاريخي رليف ڏنو وي??، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ??ري لاڪ ڊائون دوران 15 ملين خاندانن ۾ شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ گرين پيڪيج ڏنو وي??، ملڪ ۾ وي??ٽي ليٽرز ۽ طبي اوزارن جي تياري شروع ٿي، 2021ع ۾ سڄي ملڪ ۾ پناهگاهن جي انگ ۾ اضافو ڪيو وي??دو ۽ ”ڪو به بکيو نه سمهي“ منصوبو شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن شهرين کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج فراهم ڪئي وي??دي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران 2020ع ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بابت جاري جائزه رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي موثر طور تي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي صحت جي حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي جو پهريون ڀيرو اجلاس منعقد ڪيو وي?? ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو وي?? جيڪو ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ رهنمائي جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، حڪ??مت احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۽ ٻين اقتصادي بهتري جي قدمن جي ذريعي 180 ارب روپيا مستحق ماڻهن ۾ ورهايا ويا جڏهن ته مجموعي طور تي 12 کرب روپين جو رليف پئڪيج ڏنو آهي، حڪ??مت ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ ۽ ڪاروباري سرگرميون جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان کانسواءِ تعميراتي صنعت جي لاءِ وڏو پئڪيج ڏنو آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقي جي روزگار کي برقرار رکڻ آهي، حڪ??مت جي ان بهترين قدمن جو صحت جي عالمي اداري به اعتراف ڪيو آهي، رپورٽ موجب حڪ??مت ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ احساس ڪفالت پروگرام شروع ڪيو وي?? آهي جنهن سان 70 لک خاندانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جا 20 لک خاندان فائدو کڻندا،
ان سان گڏوگڏ احساس آمدني پروگرام، احساس انڊر گريجوئيٽس اسڪالرشپس جي فراهمي ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ احساس نشو نما پروگرام به حڪومتي حڪمت عملي جو حصو آهي، ڪوويڊ – 19 جي وبا جي ??ري لاڪ ڊائون سبب متاثر 15 ملين خاندانن کي شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا جنهن سان معاشري جي ??مزور ۽ مستحق طبقن کي وڏو رليف مليو آهي، حڪ??مت صحت جي شعبي جي بهتري ۽ عوام کي صحت جي بهترين جي سهولتن جي فراه??ي لاءِ عملي قدم کنيا آهن، هر خاندان جي لاءِ صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪيو وي?? آهي جنهن تحت سڄي پنجاب ۾ 2021ع جي آخر تائين ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جنوري 2021ع جي پڄاڻي تي، فاٽا جي ضم ٿيل علائقن سميت سڄي خيبرپختونخواهه ۾، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان صحت سهولت ڪارڊ رکندڙ 10 لک روپين تائين ساليانو علاج ڪرائي سگهن ٿا، حڪ??مت عوام کي علاج جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وي??ٽي ليٽرز ۽ اسٽنٽس سميت طبي اوزارن جي ملڪ جي اندر تياري جو عمل شروع ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ آئيسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽريٽمينٽ سينٽر، ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ ميڊيڪل، سرجيڪل ۽ الائيڊ سروسز بلاڪ جو افتتاح ڪيو وي?? آهي، ڊسٽرڪٽ هيڊڪورٽر اسپتال حافظ آباد، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ان کانسواءِ پشاور ۾ 250 بسترن جي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي جو به افتتاح ڪيو وي?? آهي جنهن سان انهن علائقن جي ماڻهن کي علاج جون بهترين ۽ جديد سهولتون ملنديون. تعليم جي شعبي جي ??ارڪردگي به بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪ??مت ٺوس قدم کنيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، يونيورسٽي آف حافظ آباد، يونيورسٽي آف چڪوال، نمل، ناليج سٽي فيز ون، سيالڪوٽ يونيورسٽي آف اپلائيڊ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي پيڙهه جو پٿر رکيو وي?? آهي جڏهن ته هريپور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪو چولي انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪيو وي?? آهي، هڪ جهڙو تعليمي نصاب 2023ع تائين لاڳو ڪيو وي??دو،
موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ حڪ??مت ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيلي ڪنديان ميانوالي ۾ 25 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ گرين اسٽيمولس پيڪيج ڏنو وي?? آهي، برسات جي موسم ۾ وڻڪاري ۾ به وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت 19 آگسٽ 2020ع تي 35 لک ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ماکيءَ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ هڪ ارب وڻ هڻڻ جو منصوبو بڻايو وي?? آهي ۽ ملڪ ۾ ٻيلن جي لاءِ محفوظ علائقن جي انگ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، حڪ??مت ماحول کي سرسبز ۽ شاداب ۽ صاف سٿرو رکڻ جي لاءِ ڪلين گرين انڊيڪس ايوارڊ جاري ڪيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ايڪو ٽوئرازم جي لاءِ پروگرام جاري ڪيو وي??، ماڪڙ جي بحران کي ڪاميابي سان منهن ڏنو وي??، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن تحت بايو ڊائيورسٽي سمٽ، آسٽرين ورلڊ سمٽ ۽ ڪلائيميٽ ايمبيشن سمٽ کي خطاب ڪري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ماحولياتي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي، موجوده حڪ??مت عوام کي رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ به مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان 100 ارب روپين جي لاڳت سان نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت 20 هزار رهائشي يونٽس تعمير ڪرڻ جي منصوبي جو افتتاح ڪيو، ان کانسواءِ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي فيصل آباد جي پيڙهه جو پٿر رکيو وي??، پشاور ۾ بي آر ٽي جو افتتاح ڪيو وي?? جڏهن ته ڪراچي ۾ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي پيڪيج ڏنو وي?? آهي، جڏهن ته راوي اربن ڊولپمينٽ پيڪيج، تربيلا ۽ منگلا جي تعمير جي 5 ڏهاڪن کانپوءِ ٻن وڏن ڊيمن ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير، آزاد پتڻ ۽ ڪوهالا هائيڊرو پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، مهمند شيخ زيد روڊ جو افتتاح ڪيو وي?? آهي،
سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زون جو قيام عمل ۾ آندو وي?? آهي، شيخوپوره قائداعظم بزنس پارڪ، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هاءِ اسپيڊ براڊ بينڊ پراجيڪٽ ۽ چڪوال ناردرن باءِ پاس حڪ??مت جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن، معيشت جي شعبي ۾ به موجوده حڪ??مت نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جولاءِ 2020 کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو آهي جڏهن ته مالي سال 2018ع ۾ اهو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس جو خسارو 7 ارب 20 ڪروڙ هو، جولاءِ کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي حساب سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو رهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر جي بلند ترين سطح تي رهيا، رپورٽ موجب ٽيڪسٽائيل انڊسٽري هن وقت پنهنجي مڪمل صلاحيت سان هلي رهي آهي، 80 هزار پاور لومز ٻيهر هلي رهيا آهن، 50 هزار پراڻي پاور لومز کي به هلايو وي?? آهي جڏهن ته 30 هزار نوان پاور لومز به پيداوار ڏئي رهيا آهن، سيمنٽ جي صنعت به پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي ۽ سيمنٽ جي خريداري جي لاءِ رڪارڊ آرڊر مليا آهن، ملڪ ۾ گاڏين، موٽرسائيڪلن، رڪشن جو وڪرو وڌي رهيو آهي، ٽيڪس جي وصولي ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، حڪ??مت صنعتن جي لاءِ انرجي رليف پيڪيج ڏنو ته جيئن پائيدار اقتصادي واڌويجهه جي شرح جي لاءِ روانگي واپار کي وڌائي سگهجي، پرڏيهي پاليسي جي شعبي ۾ به موجوده حڪ??مت هڪ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، وزيراعظم قطر، ملائيشيا جا دورا ڪيا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪير پاڪستان جو دورو ڪيو،
وزيراعظم عمران خان به پهرين ڀيرو ڪابل جي دوري تي وي??، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو مثبت ڪردار به جاري آهي، افغان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي ميمبرن ۽ افغان اڳواڻ عبدالله عبدالله پاڪستان جا دورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي، مني لانڊرنگ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال بابت مختلف اجلاسن کي به خطاب ڪيو، ڪشمير مسئلي کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وي??. 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو، 13 جولاءِ تي ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو، 5 آگسٽ تي ڪشمير يوم استحصال ۽ 27 آڪٽوبر تي يوم سياه ڪشمير ملهايو وي??. وزيراعظم عمران خان ٻه ڀيرا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ حڪ??مت مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ جنسي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قانونسازي کي يقيني بڻايو، سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ۽ ايندڙ عام چونڊون اي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان پاليسي جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جي لاءِ به وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان عوام کي صحت جي بهترين ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري جي ??مزور ۽ مستحق طبقن جي مدد لاءِ 2021ع جي لاءِ خصوصي هدف مقرر ڪيا آهن جنهن تحت 2021ع ۾ سمورن شهرين کي صحت جي مفت سهولت فراهم ڪئي وي??دي، احساس پروگرام تحت جلد هڪ نئون منصوبو ” ڪو به پاڪستاني بکيو نه سمهي“ شروع ڪيو وي??دو.