اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي ع??لدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز ج?? روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اض??في بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اض??في بلاڪ جي تعمير ۾ تمام ??هڻ?? دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اض??في بلاڪس ۾ انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي ع??لدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي ع??لي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.