اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني ص??ت بابت اجلاس جي ص??ارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيم?? جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽي?? جي شاگرد?? جي ج??ما??ي ۽ ذهني ص??ت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدار?? جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.