اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خو??صورتي قابل ديد آهي، عل??ئقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عالمي سياحن عل??ئقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ، عل??ئقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.