اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 11 لڳي 52 منٽن تي قومي اسيمبلي هال پهتو ان دوران ميمبرن ڊيسڪو?? وڄايون ۽ عمران خان زنده باد جا نعرا هنيا. وزيراعظم سان گڏ شاهه محمود قريشي، م??اد سعيد، ملڪ عامر ڊوگر، پرويز خٽڪ به ايوان ۾ آيا. وزيراعظم ايندي ئي پنهنجو ووٽ وڌو. هن پولنگ بوٿ نمبر هڪ مان پنهنجو بيلٽ حاصل ڪيو ۽ ووٽ وڌو ان دوران ميمبرن هڪ دفعو ٻي??ر نعريبازي ڪئي. تنهن هوندي ??ه ريٽرننگ آفيسر کين نعريبازي کان روڪي ڇڏيو. ان دوران ميمبرن گڏ تصويرون به ڪڍرايون.