اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي ??ان تفصيلي ??بوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ ا??غا??ستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳ??پن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي ??ان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي ??ان تفصيلي ??بوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.