لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن، حڪومتي صنعتي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪورونا سبب پوري دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪام??اب رهيو، دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي، جڏهن ته ا??تصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي. هو لاهور ۾ چيني سيڙپڪاري سان قائم چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موق??ي تي خطاب ڪري رهيو هو. چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان واپاري قمر خان بوبي صدر کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني، ان موق??ي تي صدر 150 ملين ڊالر سان شروع ٿيندڙ چئلينج ٽيڪسٽائيل پارڪ جو به ا??تتاح ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي چئلينج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي ??ڌي?? ضرورت آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو، هن چيوته پاڪستان چين دوستي تي اسان کي فخر آهي ۽ چيني سيڙپڪاري سان ملڪ صنعتي انقلاب طرف وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي تازي وبا سان سڄي دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪام??اب رهيو. جڏهن ته ا?? جي خلاف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مائيڪرو فنانس ۽ ڪووڊ -19 کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪاميابي حڪومتي ڪاميابين جو تسلسل آهي، هن چيو ته ا??تصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي ۽ دنيا کي هن وقت پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اچن، سيڙپڪاري ڪن ۽ دنيا کي مثبت پيغام ڏين، هن چيو ته ا??تصادي مسئلن جي حل لاءِ تيز ترين رابطن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا هن وقت تمام تيز ٿي چڪي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيا پيا وڃن، اقتصادي زون قائم ٿيڻ سان نه رڳو نئين انڊسٽري لڳندي پر ماڻهن کي وسيع پئماني تي روزگار به ملندو ۽ انشاءُ الله ا??ندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ سٺا هوندا.