اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته لُٽيل دولت جي مني لانڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪمپنين کي استعمال ڪيو ويو ان ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، انهن کان ضرور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته لُٽيل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پناهگاهه جو ڇا ڪجي؟ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه جي ڇانو هيٺ ٽيڪس پناهگاهن ۾ لُٽيل دولت لڪائڻ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، هن چيو ته اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي ملڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ??ن پيچيده اسڪيم جو انداز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪمپني ج?? لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چيو ته پاڪست??ن پنهنجي دولت ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري رهيو آهي، فيٽف ان ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان جي دولت وصول ڪندڙ ملڪن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استحصال س??ن پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ڌاڙيل جي وچ ۾ مقالمي ج?? به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍا وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.