اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بني گالا مان گذرندي ڪرڪيٽ گرائونڊ جو دورو ڪيو ۽ گرائونڊ ۾ کيڏڻ وارن ٻارن سان ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ گرائونڊ جي چوطرف وڻ لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هن رانديگرن سان گرائونڊ ۾ کيڏڻ جي لاءِ انتظامن جي حوا??ي سان به راءِ ورتي.