لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏيندي پي سي بي جي چيئرمين کي هدايت ڪئ?? آهي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اها هدايت پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا سان ملاقات دوران ڏني جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ ايندڙ پي ايس ايل سيزن ۽ ڪرڪيٽ جي مجموعي ڍانچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏني ۽ پي سي بي چيئرمين کي هدايت ڪئ?? ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. پي سي بي چيئرمين وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.