اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ صلاحيت وارن شعبن کي مراعتون ڏئي رهي آه??، صنعتي ۽ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت تاريخي پئڪيج ڏنو، حڪومت ملڪي نظام ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سهولت وڌائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا متعارف ڪرايا آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ترجيحي شعبن تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعطم چيو ته باصلاحيت نوجوان فري لانسرز کي سهولتن جي فراهمي سان پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. اجلاس کي آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، صنعتي شعبي ۽ موجوده آءِ ٽي ڪمپنين جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڏني ويندڙ سهولتن کي لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي تازو ئي ڏنل انڊسٽريل ۽ آءِ ٽي شعبي جي پئڪيج تي عملدرآمد تيزي سان جاري آه??، ملڪ ۾ فري لانسرز جي انگ ۾ حڪومتي قدمن جي ڪري تمام گهڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آه??، تازو اعلان ڪيل سهولتن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. فري لانسرز جي ون اسٽيپ رجسٽريشن پا??ستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ پورٽل تان يقيني بڻائي وئي آه?? جنهن جي فيڊرل بورڊ آف روينيو کان رجسٽريشن پا?? ئي ٿي ويندي. ان کانسواءِ فري لانسنگ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ مان حاصل ڪيل رقم جي پا??ستان ۾ آساني سان پهچ جي لاءِ بئنڪنگ چينلز تائين پهچ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائي رهي آه??. ان کانسواءِ آءِ ٽي ڪمپنين کي حڪومت پاران ڏنل ٽيڪس تي ڇوٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ نظام جلد ٺاهيو ويندو. وڌيڪ اهو ته ڪمرشل بئنڪن ذريعي منظور ٿيل سهولتن ۽ مراعتن جي يقيني فراهمي جي لاءِ پڻ باقاعده رهنمائي جلد فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم حڪومت پاران اعلان ڪيل سهولتن ۽ مراعتن جي فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ صنعتن کي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد جي هدايت ڪئي،. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ر??ا باقر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.