اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمي?? تي او اءِ سي رابطا گر??پ جي هڪ فعال ميمبر جي طو?? تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مض??وط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ??زيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمي?? تي رابطا گر??پ جي هڪ فعال ميمبر جي طو?? تي تعاون کي ساراهيو. هن آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.