اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي م??حوم عبدالستار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊي?? ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ??و اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مر??ا محمد آفريدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.