اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئلن جي ڌٻڻ ۾ عمران خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري عمران خان تي آهي، ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ويو، آءِ ا??م ايف معاهدي تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري آهي، ??يٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀو??ڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مشڪل فيصلا ڪيا ??يا ??ڃن ته ان جو ذميدار عمران خان آهي، ??نهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مر??م اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب سياسي ??قصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، ??اڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو آهي، ??ن چيو ته عمران خان شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.