اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي و??ري شهر تي ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير جي بي??نن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گه??و وزير رانا ثناءُ الله خان چيو آهي ته رياست مخالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اج??اس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبار??با?? ڏني، اج??اس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري و??ارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گه??و وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گه??و وزير رانا ثناءُ الله اج??اس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گه??و وفاقي و??ير رانا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گه??و وزير اج??اس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي مبار??با?? ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گه??و وزير رانا ثناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي و??يلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي و??ير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ثناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير جي بي??ن جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي و??ري شهر تي حملو ڪنداسين.