انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ ترڪ ايوان صدر ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم جيڪو ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، صدارتي محل پهچڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سندس انتهائي ??الهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ق??مي ترانا وڄايا ويا ۽ وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنه??جي پنه??جي وفدن جي م??مبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ?? صدارتي محل ۾ ملاقات شروع ٿي.