اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، پاڪستان ??ود??ختياري جي حق لاءِ والاريل ڪشمير جي عوام جي سدائين حمايت ڪندو رهندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي عوام سان پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريون ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ڀارت معصوم ڪشميرين سان گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري غيرانساني سلوڪ بند ڪري. هن چ??و ته ڀارت پاران ??ڏي?? قومن جي قراردادن جي خلاف ورزين جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.