اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ محڪماڻي راندين تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ پاڪستاني راند??گر?? ميڊلز کٽي قوم جو نالو روشن ۽ سبز هلالي جهنڊو سربلند ڪيو آهي، ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ راند??گر?? تي قوم کي فخر آهي، ان سان نوجوان راند??گر?? جي حوصلا افزائي ٿيندي، ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، ٻوڏ متاثرين کي ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ راند??گر?? جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني راند??گر?? دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ جهڙي طريقي سان محنت ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان سان ملڪ جو نالو روشن ٿيو آهي ۽ سبز هلالي جهنڊو دنيا ۾ سربلند ٿيو آهي، اهي ڪاميابيون سمورن راند??گر?? جي والدين جي دعائن، استادن ۽ ڪوچز جي محنت، ??نه?? جي پنهنجي راندين سان لڳاءُ ۽ ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندڙ راند??گر?? تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ??نه?? کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پورو يقين آهي ته اسان جا رانديگر راند جي ميدان ۾ اڳي به اهڙي طرح ڪاميابين جو سفر جاري رکندا ۽ ان سان اسان جي ٻين هونهار راند??گر?? جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم راندين جي عملدارن کي به مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ??نه?? جي ٽيم ورڪ ۽ ڪوششن قوم کي هي ڏينهن ڏيکاريو آهي، اهڙي طريقي سان قدم جاري رکڻ گهرجن ۽ نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن، هي قوم وڏي جرئت ۽ اسان جا ٻار وڏي همت وارا هونهار ٻار آهن ۽ ??نه?? ۾ وڌيڪ راند??گر?? جو تعلق شايد امير خاندانن سان به نه آهي پر هي عظيم پاڪستاني آهن، اهڙي طرح راندين جي شعبي ۾ ٽيلنٽ جي ڳولا ڪئي وڃي ته اها تمام وڏي قومي خدمت هوندي. وزيراعظم چيو ته دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ سوني جو تمغو حاصل ڪندڙ ارشد نديم پنهنجي ڳوٺ ??ي مثالي ڳوٺ ۽ اسڪول ۽ اسپتال جهڙي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي، مثالي ڳوٺ جي پاليسي اڳ ۾ موجود هئي پر پوءِ ان کي ختم ڪيو ويو هو پر ارشد نديم جي وٺن ۾ اهي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ اهڙي طرح جون سهولتون ٻين راند??گر?? جي ڳوٺن ۾ به فراهم ڪنداسين، اميد آهي ته جن راند??گر?? ڪانسي ۽ چاندي جا تمغا حاصل ڪيا آهن اهي اڳتي سوني جا تمغا کٽيندا ۽ سوني جا تمغا کٽيندڙ پلاٽينم ميڊل کڻندا، همت ڪندا ته ترقي توهان جا قدم چُمندي. وزيراعظم چيو ته راند??گر?? جي لاءِ انعام جي رقم ۾ يقينن اضافو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اضافو ڪيو به ويندو پر هن وقت ملڪ کي ٻوڏ صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، اڄ ئي ق??ر جي دوري تان واپس پهتو آهيان ۽ هينئر هڪ اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ته ڪهڙي طرح اسان کي ان صورتحال ??ي منهن ڏيڻ جيل اءِ قدم کڻڻا آهن، لکين، ڪروڙي ماڻهو ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن ??نه?? جي لاءِ وڌيڪ رقم گهرجي، جيئن به ۽ جتان به ممڪن ٿيو ??نه?? جي لاءِ وسيلا ڳولينداسين ۽ ??نه?? کي ٻيهر پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 800 کان 900 ماڻهو فوت ٿيا آهن، الله تعاليٰ ??نه?? کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچائي. هن چيو ته محڪماڻي راندين تي پابندي ختم ڪري رهيو آهيان ته جيئن ادارن جي وچ ۾ راندين ۾ چٽاڀيٽي کي وڌايو وڃي ۽ راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا نوجوان پنهنجي صلاحيتن ??ي مڃرائي سگهن. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ ميڊلز کٽيندڙ راند??گر?? ۾ روڪ انعام پڻ ورهايا. انعام حاصل ڪندڙ راند??گر?? ۾ الطاف الرحمان، شاهه حسين شاهه، عنايت الله، علي اسد، زمان انور، شريف طاهر، محمد انعام، نور دستگير بٽ ۽ ارشد نديم شامل آهن.