اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پا??ستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو پياري پا??ستان جو آواز ۽ پا??ستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاشري ۾ اعتدال پسند روين ??ي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊيو پا??ستان جي اهتمام هيٺ پا??ستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو پا??ستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ ريڊيو پا??ستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ??اص طور تي گهرايو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پا??ستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيئر آرٽسن سان گڏجي پا??ستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ پا??ستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊيو پا??ستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ريڊيو پا??ستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پا??ستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.