اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رلي?? آپريشن جاري آهي. ايئر ??يڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ ب??ال??ءَ جي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آ??ي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي ب??ال??ءَ لاءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آ??ي. هوائي فوج جي ترجمان مطا??ق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آ??ريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي ب??ال?? ۽ امداد جي فراهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آ??ي. ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.