اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه ج?? لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ج?? لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي ??سيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه برطانيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه ج?? لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ?? اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي ??ئي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ ج?? لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي ??وجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ??اڻهن ج?? لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ??لڪه ايلزبيٿ ج?? لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي ??چ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي ??ن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.