نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انه?? ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سا?? ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپ?? ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻ?? ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ملاقاتون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيون. ان موقعي تي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.