جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزيراعظم اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر کي پا??ست??ن ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم کي پا??ست??ن سان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي لاءِ پا??ست??ن انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ مصيبت ۾ ورتل پا??ست??ني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پا??ست??ن سان تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پا??ست??ن ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.