اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته هو اليڪشن ايڪٽ 2017ع موجب صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ جو فوري اعلان ڪري. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبائي چونڊن سان گڏوگڏ مستقبل جي عام چونڊن جي حوالي سان به خطرناڪ قي??س آرائين تي ٻڌل پروپئگنڊه کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ ضروري آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل پنهنجي خط ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي تحليل جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۾ اسيم??لي جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي پارٽ VIII موجب چونڊن جو انعقاد اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ۽ لازمي فرض آهي، خاص طور تي آرٽيڪل 218 (3) اي سي پي کي اهو فرض ڏنو ويو آهي ته هو شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائي. هن چيو ته اهو اليڪشن ڪميشن ئي آهي جيڪو چونڊن جي حوالي سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ جي صورت ۾ ملڪ جي آئين جي خلاف ورزين جو ذميوار ۽ جوابده قرار ڏنو ويندو. صدر ??ئين جي آرٽيڪل 42 ۽ ٿرڊ شيڊيول جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته مملڪتي سر??راهه هجڻ جي حيثيت سان هن ”آئين جي تحفظ ۽ دفاع“ جو حلف کنيو آهي. هن چيف اليڪشن ڪمشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي آئين جي آرٽيڪل 214 ۽ ٿرڊ شيڊيول جي تحت انهن جي حلف موجب بنيادي ذميواري بابت ياد ڏياريو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”آئون پنهنجون ذميواريون پوري ايمانداري سان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين موجب ادا ڪندس.“ آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي خلاف ورزي جي سنگين نتيجن کان بچڻ جي لاءِ ٻنهي تحليل ٿيل اسيمبلين جي چونڊن جو شيڊيول فوري اعلان ڪيو وڃي. صدر ??ط ۾ آئين جي قرارداد جي مقصدن جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته تمهيد ۾ غيرمبهم لفظن ۾ چيو ويو آهي ته ”رياست پنهنجي طاقت ۽ اختيار کي عوام جي نمائندن ۾ منتقل ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪندي.“ اهو قوم جي ابن ڏاڏن جي اڻٿڪ عزم جو عڪ??س آهي جن قرارداد جي مقصدن جو مسودو تيار ڪيو جنهن کي آئين جو (آرٽيڪل اي ٽو) جو حصو بڻايو ويو. اهڙي طرح آئين ۾ جمهوري اصولن ۽ قدرن جي پيروي ۽ پابندي بابت ڪو ابهام باقي نه ٿو رهي. صدر ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته قديم ترين جمهوريتن جنگين دوران به چونڊن ۾ ڪڏهن به دير نه ڪئي، ان سلسلي ۾ هن آمريڪا جو مثال ڏنو جنهن صدر ??يمز ميڊيسن جي دور ۾ 1812ع ۾ برطانيا سان جنگ جي باوجود چونڊون ڪرايون هيون. هن وڌيڪ چيو ته 1864ع ۾ آمريڪا گهرو ويڙهه دوران ان وقت جي صدر ??براهم لنڪن جي اعليٰ صلاحڪار گهرو ويڙهه سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهيندو هو پر هو ان سان متفق نه ٿيو، جيتوڻيڪ ان جو خيال هو ته هو چونڊون هارائڻ وارو آهي پر ان جي باوجود هن ڪڏهن به چونڊن کي رد ڪرڻ بابت سوچيو ئي نه. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اڳ ۾ ئي هڪ مناسب قدم کڻي چڪو آهي ۽ مختلف تڪن جي قومي اسيم??لي جي سيٽن جي ضمني چونڊن جي انعقاد جو اعلان ڪري چڪو آهي. صدر چيو ته ان جو پڪو يقين آهي ته ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو چونڊن ۾ دير يا التوا جو ڪو جواز فراهم ڪندو هجي. تازو عالمي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آئيني طور تي طئي ٿيل چونڊن جي التوا جمهوريت کي ڊگهي مدي وارو نقصان پهچايو آهي.