اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪا??فر??س ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪا??فر??س ۾ گول ميز مباحثن سم??ت ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪند??. ه?? چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪا??فر??س ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگير گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ٻئي ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. ترجمان چيو ته پنهنجي دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 فيبروري تائين هنگري جو دورو ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سم??رن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.