اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عو??تن جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عو??تن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آ??اد?? کي پيداواري افرادي قو?? ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عو??تن جي مالي شموليت لازمي آهي، عو??تن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ۾ مدد ڪرڻ انهن کي بااختيار بڻائڻ جو تيز ترين رستو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس بابت ”بزنيٽ 2023ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عو??تن ۽ خصوصي ماڻهن سميت ٻين گهٽ نمائندگي وارن گروهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر تنظيمن ۽ ڪمپنين جي سطح تي صنفي برابري تي زور ڏيندي چيو ته اهي مرڪزي ڌارا ۽ قائداڻي ڪردارن ۾ پنهنجي نمائندگي کي يقيني بڻائين، ڊيجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ڪنهن به ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽارٽ اپس ۾ عو??تن جي شموليت سان انهن کي پنهنجي گهرن مان روزگار ڪمائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته عو??تن کي پنهنجي مالي معاملن تي اختيار رکڻ جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نشاندهي ڪئي ته اسلام عو??تن جي لاءِ جيڪي حق بيان ڪيا آهن انهن جي باوجود ثقافت ۽ هراسان ڪرڻ انهن جي آزادي ۾ ٻه اهم رڪاوٽون آهن. هن چيو ته معاشري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي عو??تن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري ۽ انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ثقافت کي يقيني بڻائي انهن جي لاءِ مثبت انداز اختيار ڪن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن مان فارغ ٿيندڙ عو??تن مان 50 سيڪڙو شادي کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو هڪ باصلاحيت افرادي قو?? جو وڏو نقصان آهي. هن والدين، مڙسن ۽ عو??ت ڊاڪٽرن کي مشورو ڏنو ته اهي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ ليڊر ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مذهب ۽ ملڪي قانون ٻئي عو??تن جي وراثت جي حق جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته معاشري جون برائيون اڪثر معاملن ۾ ان ۾ رڪاوٽ آهن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عو??تن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته ان مان رڳو 5 سيڪڙو ان مان فائدو کنيو. هن چيو ته عو??ت پارليامينٽرينز ۽ ٻين ناليوارين عو??تن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيغام کي موثر طريقي سان پهچائين. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ عو??تن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جرمني جي فريڊرڪ نومن فائونڊيشن جي ڪنٽري هيڊ برجٽ لام ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سندس تنظيم پاڪستان ۾ عو??تن سميت ماڻهن کي ڪاروباري سرگرمين کي باوقار طريقي سان شامل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ”ٽرانسفارمنگ حب“ جي سي اي او ۽ وومين بزنس نيٽ ورڪ جي باني افتخار حسين چيو ته بزنيٽ جو مقصد وڏي ڪاروباري اد??رن?? مالياتي اد??رن?? پاليسي سازن ۽ ڪامياب اسٽارٽ اپس کي هڪ ئي ڇت جي هيٺ آڻڻ آهي ته جيئن معيشت جي تيز رفتار ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري تعاون کي شروع ڪري سگهجي. انٽر لوپ اسٽارٽ اپ جي چيف سسٽين ايبلٽي آفيسر فريال صادق ڪاروبار ۾ برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عو??تن کي فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.