اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن م??جد اقصيٰ تي اسرائيلي فوج جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي مقدس ترين جاين م??ن هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذمت آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران م??جد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ ه?? معمول بڻجي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسطيني عوام جي مذهبي آزادي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي مذهبي جذبن جي پڻ توهين آهي. ترجمان موجب فلسطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو ??نڌاڌنڌ استعمال سمورن انساني ۽ انساني حقن جي اصولن ۽ قانونن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اسرائيل رمضان جي تقدس جو ??حترام ڪرڻ جي پنهنجي تازي ??اع??ي تان پٺتي هٽي ويو آهي. پاڪستان عالمي برادري کان م??البو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو، اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين م??ئلي جو پائيدار حل ۽ من??فا??ي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا.