اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين ا??لا?? ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. پرڏ??هي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي ا??لا?? جي موقعي تي مملڪتي وزير ٻين شريڪ وفدن جي اڳواڻن سان ٻط??فيون ملاقاتون ڪندي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو مڪينزم 2021ع ۾ پاڪستان جي قدم تي قائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف کي تيار ڪرڻ آهي. پاڪستان 8 سيپٽمبر 2021ع تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏ??هي وزيرن جي پهرين ا??لا?? جي ميزباني ڪئي. پاڪستان نومبر 2021ع ۾ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٿيندڙ ٻئي ا??لا?? ۽ مارچ 2022ع ۾ چين جي شهر تونشي ۾ منعقد ٽئين ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو طريقيڪار افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي افغانستان جي صورتحال جون سڌوسنئون ڌريون آهن. بيان موجب پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ منسلڪ افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.