اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي ح??ومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪري پي ٽي وي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رهيو، اسان اقتدار ۾ اچي فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا. قومي اسيمبلي ۾ شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ راندين جا عالمي مقابلا ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا سان معاهدن جي لاءِ هڪ سيل قائم ڪيو آهي، راندين جي مقابلن کان هڪ سال اڳ انهن معاهدن جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ٿي پر اڳوڻي ح??ومت ان حوالي سان ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، پي ٽي وي جي اسڪرين کي اهي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محرو?? رکيو ويو پر جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا، اسان ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارليام??ني سيڪريٽري چيو ته ريڊيو ۽ 20 علائقائي ??با??ن جا 300 پروگرام روزانو ٿين ٿا. هن چيو ته غيرمسلمان پاڪستانين جي مذهبي رسمن ۽ تهوارن جي حوالي سان به ۽ علائقائي ??با??ن ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ پارليام??ني سيڪريٽري شهباز بابر چيو ته پي ٽي وي سدائين راندين جون سرگرميون ڏيکاريون آهن، اسان جي ح??ومت 2022ع ۾ آئي، ان کان اڳ اڳوڻي ح??ومت فيفا سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي جلد رپورٽ ايندي. شيخ روحيل اصغر جي سوال جي جواب ۾ شهباز بابر چيو ته پي ايس ايل جا مئچ به ان لاءِ نه ڏيکاريا ويا ڇو ته هڪ نجي ٽي وي چينل کي فائدو ??هچ??ئڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان معاملي تي به ڪارروائي جاري آهي. يقين ڏياريان ٿو ته اڳتي پي ٽي وي سموريون مئچون ڏيکاريندو.