اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سلمان اقبال جي ڌيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سلمان اقبال جي ڌيءَ سمايا سلمان جي ننڍي ڄمار ۾ اوچتو لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ٿيو، ان ڏک کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ سلمان اقبال ۽ سندس گهرڀاتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي ت??في?? عطا فرمائي. هن چيو ته بي شڪ اسان الله جي لاءِ آهيون ۽ الله ئ?? طرف واپس وڃڻو آهي. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.