اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد س??ير احمد فاروق ملاقا?? ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته سعودي عرب سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن. پرڏيهي وزير نامزد س??ير کي هداي?? ڪئي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڇن. پرڏيهي وزير نئين ذميوارين جي حوالي سان احمد فاروق جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??.