راولپنڊي- 17 مئي (اي پي پي) پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ان ڳالهه تي زور ??ري?? آهي ته تازو ئي هڪ منظم منصوبابندي تحت پيش آيل المناڪ واقعن جي ٻيهر ڪنهن به قيمت اجازت نه ڏني ويندي، ڪارو ڏينهن (9 مئي) تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هو اربع ڏينهن سيالڪوٽ گيريزن جو دورو جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ف??ج جي سربراهه سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو. گيريزن اچڻ تي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو جن قوم جي فخر، عزت ۽ وقار لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو ته شهيد اسان جي مَٿي جا تاج آهن جن سان آخرت ۾ اعليٰ مقام جو وا??دو ڪيو ويو آهي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شهيدن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو. رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج سمورن شهيدن ۽ سندن خاندانن کي سدائين مٿانهون رکي ٿي ۽ مستقل طور تي انهن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏسون ٿا. آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به شهيدن ۽ انهن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. شهيد هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري ??هل??ارن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ حوصلي ۽ فخر جو سبب آهن. هن رينڪ رينڊ فائل جي سامهون ان عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته ڪارو ڏينهن 9 مئي تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳن، بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو. آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهين دوران آرمي چيف ف??ج جي پيشيوراڻي مهارت، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن سميت پروپيگنڊا ۽ وا?? فيئر کي منهن ڏيڻ لاءِ هر طرح جي تياري تي ڌيان ڏيڻ تي زور ??ري??. آرمي چيف جي آمد تي گوجرانوالا ڪور جي ڪمانڊر سندس آجيان ڪئي.