اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ حڪومت کي سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي ??زير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه ??ئ?? آهي ۽ سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تيارين تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئ?? آهي. هن چيو ته وڏي ??زير جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت جيڪي انتظام ڪيا آهن انهن کي ساراهيان ٿو، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان عوام جي تعاون سان ان صورتحال تي ضابطو آڻي وٺنداسين.