اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي د??ري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي ع??لد??رن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي ع??لد??رن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي د??ري جي د??ران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي مي??باني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحم??ن، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري د??ران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي د??ري د??ران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.