اسلام آباد – 27 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي حج جي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج جي فرض جي ادائيگي ڪندڙ ل??ين حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران حج 1444هه تمام گهنو مبارڪ هجي، حج جي موقعي تي منهنجي الله جي آڏو اها دعا آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻجي. هن چيو ته منهنجي حج جي هن مقدس موقعي تي ??ها به دعا آهي ته الله تعاليٰ مسلمان امت خاص طور تي ??سان جي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جون سموريون مشڪلاتون ختم ڪري.