اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن ک?? دنيا ۾ ته جواب ملي ويو ??ر انهن ک?? آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ??يڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون ک?? ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪيو ??ڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي عالمي ساک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن ملڪن ۾ 40 سال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين ک??گاليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان ک?? ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ به الله تعاليٰ اسان ک?? سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مون ک?? ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ??يو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ??يو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪليو ??يو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن ک?? دنيا ۾ ته جواب ملي ويو ??ر انهن ک?? آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ??يڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي انڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي بيگناهي تي اع??ماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.