لاهور -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته قومون ملڪي سالميت، ترقي ۽ معاشي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو ناهن ڪنديون، آئينده موقعو مليو ته محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پوري ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو ويندو، هڪ ويزن تحت زراعت کي ترقي ڏيڻ آهي، مان ڄاڻان ٿو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو ڪيئن ٿيو، آءِ ايم ايف معاهدي سان ڊفالٽ جو خطرو ٽري ويو آهي، اس??ن کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اس??ن کي پنهنجي تقدير بدلڻي آهي. اهڙو اظهار هن الحمرا هال لاهور ۾ دانش اسڪولن ۾ تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اعزاز ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، وزيراعظم جي خاص مددگار شزه فاطمه ۽ رانا مشهود سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن مان تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين محنت ۽ قابليت جي ڏڍ تي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، ان سان پوري پاڪستان جي ماڻهن جو سر فخر سان بلند ٿيو آهي، هي شاگردن ۽ شاگردياڻيون قوم جا هيرا بڻجي چڪيون آهن، جهڙي ريت اوهان محنت سان اهو مقام حاصل ڪيو اهو ڪنهن به اوه??ن کي پليٽ تي رکي نه ڏنو. دانش اسڪولن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، اڄ لکين ٻار ليپ ٽاپ ذريعي فري لانسر بڻجي روزي ڪمائي رهيا آهن، دانش اسڪولن مان فارغ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽي ڳالهيون ٻڌي خوشي ٿي. هنن جو چوڻ آهي ته دانش اسڪولن جي منصوبي جي شر??عات ڪئي ته اشرافيه منهنجي تمام گهڻي مخالفت ڪئي، مخالفت باوجود ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ دانش اسڪولن جو بنياد رکيو. منهنجو وس هلي ته سڄي پاڪستان ۾ هزارين دانش اسڪول بڻائي قوم کي عظيم بڻائي ڇڏيان، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت قوم سان دوکو ڪيو 190 ملين پائونڊز جيڪڏهن اسڪولن جي تعمير تي لڳايا وڃن ها ته کين سلام پيش ڪيان ها، الزام تراشيون ۽ بي بنياد الزامن قوم کي ورهائيو، ??ن کان اڳ معاشري ۾ اهڙي ورڇ ڪڏهن به نه ڏٺي، هن ورهاست پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ قوم جي ذهنن کي زهر سان ڀري ڇڏيو هو. وزيراعظم دعوت ڏني ته اچو ته چارٽر آف اڪنامي ۽ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي لاءِ گڏجي ڪم ڪيون، پنهنجا ختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃون ته جيئن رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه بيهي سگهي، هن چيو تهجيڪڏهن اس??ن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي ته اس??ن کي پاڪستان جو احساس ڪرڻو پوندو. وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي، ملڪ هن وقت مسئلن جو شڪار آهي، جيڪڏهن الله تعاليٰ اس??ن کي آئينده چونڊن ۾ ڪاميابي نصيب ڪئي ته پوري ملڪ ۾ محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇائينداسين، وزيراعظم چيو ته بي بنياد الزامن ۽ چور جي بيانئي پاڪست??ن کي تقسيم ڪري ڇڏيو، مان عوام کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته موجوده دور ۾ ٻوڏ ۽ مهانگائي سان گڏوگڏ مون کي اڄ تائين بدترين ورهاست جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته دانش اسڪولن جي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جا مستقبل آهن. مون کي اميد آهي ته پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪست??ن کي وڃايل مقام ٻيهر ڏياريندا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام اسان جي مجبوري بڻجي ويو هو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل نه ٿئي ها ته اس??ن کي آمدني واپار کي وڌائڻو پوي ها ۽ رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڊالر جي قيمت وڌڻ کان روڪڻ لاءِ اس??ن کي آءِ ايم ايف جو پروگرام وٺڻو پيو. جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان پروگرام نه ٿئي ها ته صنعتون بند ٿي وڃن ها ۽ قوم وڌيڪ هيٺ هلي وڃي ها، اڄ ڊفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اس??ن کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريون. هندو ۽ انگريز جي غلامي مان نجات جو مقصد اهو ئي هو ته غريب جو ٻار به تعليم پرائي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي ڇاڪاڻ ته غريب جي ٻار کي تعليم نه ملي اهو اسلامي رياست جو اصول ناهي، اشرافيه جا ٻار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهن ٿا، پر غريب جي ٻار کي اسپتالن ۾ جعلي دوائون ملن ٿيون، هي قائداعظم جو پاڪستان ناهي، اڄ اس??ن کي غور ۽ فڪر ڪرڻو پوندو ته ملڪ لاءِ اهو فڪر جو لمحو آهي هن چيو ته اچو ته ملي ويهي پاڪست??ن کي خوشحال بڻايون ۽ پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪيون، جيڪڏهن ملڪ خدانخواسته ڊفالٽ ڪري وڃي ته عوام اس??ن کي طعنا ڏئي ته پاڪستان محمد شهباز شريف جي دور ۾ ڊفالٽ ٿيو. هن چيو ته اس??ن کي سوچڻو پوندو ته ملڪي زراعت جيڪو پاڪستان جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ??ن کي هٿي ڏيڻي پوندي. وزيراعظم انگريزي ۾ ايم فل ڪندڙ هڪ شاگردياڻي کي پنجاب حڪومت طرفان روزگار جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي پنجاب جي وڏي وزير جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اوهان ته مون کي پوئتي ڇڏي ڏنو. محسن اسپيڊ سان ڪم ڪيو، تقريب جي آخر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ۽ چيڪ ورهايا ويا.