راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره اورنگزيب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سان م??اقات ڪئي. اطلاعات واري اڳوڻي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي مرتضيٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته توهان ان قومي ذميواري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگزيب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي نگران وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات واري وزارت کي بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي توهان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم اورنگزيب ڪارڪردگي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل جاري رکي سگهان. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگزيب سان م??ڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حو??لي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي مريم اورنگزيب پنهنجي والده طاهره اورنگزيب ۽ ??ين گهرڀاتين سان گڏ مرتضيٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره اورنگزيب، مريم اورنگزيب، حسن اورنگزيب ۽ ??ين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.