اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ ره?? جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي ??سئلن کي منهن ڏي?? جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪر?? جي موقعي تي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي ??در ڪر?? جي ضرورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچ?? جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گه??و نقصان ٿيو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي ??سئلن ۽ منفي اثرن کي منهن ڏي?? جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي ??سئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪر?? جي ضرورت آهي اسان ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي ??راهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچ?? جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.