راولپنڊي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 259هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿيو. ڪانفرنس هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن، جوانن ۽ سول سوسائٽي جي شهيدن جن ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ وقار لاءِ پنهنجون جانيون ڏنيون. انهن جي عظيم قربانين تي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج شهيدن ۽ انهن جي ڪٽنبن کي هميشه احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪانفرنس ۾ شهيدن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني به ڪئي وئي. 6 سيپٽمبر تي ملڪ ۾ يومِ دفاع ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پاڪ فوج پنهنجي قابل فخر قوم جو ٿورو مڃيو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳ??لهه جي تصديق ڪئي ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مڪروه پروپيگنڊا ڪندڙن کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ اهڙيون ڌُريون وڌيڪ رسوائيءَ جو شڪار ٿينديون انشاءَ الله. ڪانفرنس ۾ ان ڳ??لهه کي يقيني بڻايو ويو ته دهشتگرد جي??ي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن انهن جي سهولت ڪارن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪندڙ ڌُرين خلاف رياست مڪمل طاقت سان مُنهن ڏيندي. ڪانفرنس دوران ضم ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي بارڊر وارن ضلعن ۾ پائيدار امن جي ترقيءَ تي پڻ زور ڀريو ويو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف آپريشنز دوران پيشوراڻي مها??ت جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي جي حاصلات تي زور ڀريو. هن پنهنجي فوجين جي فلاح بهبود ۽ حوصلي کي برقرار رکڻ ۽ مسلسل توجهه ڏيڻ تي ڪمانڊرز جي تعريف ڪئي جي??ي فوج جي آپريشنل تياريءَ جو بنياد آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان ڳ??لهه جو پڻ عزم ورجايو ويو ته ملڪ ۾ ??عا??ي سرگرميون جي??ي هن وقت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نگرانيءَ هيٺ جاري آهن، ان جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي ۽ اهڙيون سرگرميون جي??ي معيشت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون انهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل معاونت ڪئي ويندي.