نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي، پائيدار ترقياتي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان پاران ان اهم موضوع تي مڪالمو منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اسان کي ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس ۾ ڪيل واعدن تي لازمي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. ض??ور?? ان ڳالهه جي آهي ته نجي شعبي کي شاامل ڪري ??يس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. بدقسمتي سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري جو وڏو حصو دنيا جي اسرندڙ معيشتن طرف آهي جڏهن ته اسرندڙ ملڪن ۾ اها سيڙپڪاري نه آهي. گڏيل قومن کي اسرندڙ ملڪن ۾ نجي شعبي پاران سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي سببن جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي تناسب جو ادارو قائم ڪري ??گهجي ٿو. هن چيو ته غريب ملڪن ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ضروري ??هي. پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. پائيدار ترقي جي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. توانائي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا اسرندڙ ملڪن جي ترقي جي رفتار کي روڪي رهيا آهن. معاشي رقم جي پهچ بهتر هجي ته ايس ڊي جيز ۾ بهتري ??چي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس ڊي جيز تي مستنند پروگرامز کي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڳتي آڻڻو پوندو. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته گرين بانڊ، مالي وسيلن جي فراهمي، انشورنس اسڪيمن ۽ خودمختيار ضمانت، پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي لاءِ فائديمند ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري ??هي. ان کانسواءِ قرض ڏيندڙ ادارن جي لاءِ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. اهو گڏيل قومن سان واڳيل ادارو پيشيواراڻي طور تي منظم پراجيڪٽ يونٽ پڻ جوڙي سگهي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي 130 ڪنٽري ??فيسز کي اسرندڙ ملڪن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڍانچو تيار ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز منصوبن جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري ۽ ترغيبي ڍانچو تيار ڪيو وڃي ۽ قومي منصوبن جي تياري ۾ معاونت ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجون اهي تجويزون جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پيش ڪندو.