اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان س??ئيٽ ه??م معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي، پاڪستان س??ئيٽ ه??م جي ٻارن زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان س??ئيٽ ه??م جي سرپرست اعليٰ زمرد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي زمرد خان جي پاڪستان س??ئيٽ ه??م جي ٻارن جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زمرد خان جو اڻٿڪ جذبو ۽ پاڪستان س??ئيٽ ه??م جي ذريعي يتيمن ۽ ضرورتمند ٻارن جي خدمت قابل رشڪ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي زمرد خان چيو ته پاڪستان س??ئيٽ ه??م اڄ پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان س??ئيٽ ه??م جي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني پئي وڃي، اميد آهي ا??ي ٻار مستقبل ۾ ملڪ جي اهم شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سران??ام ڏيندا.