اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمو?? ۽ ??شمير پيپلز فريڊم ليگ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ڪنوينر ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير محمد فاروق رحماني چيو آهي ته 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو ته جيئن 1947ع ۾ ڪشمير تي ڀارتي فضائي حملي ۽ الحاق جي مذمت ڪري سگهجي، ڀارت ڄمو?? ۽ ??شمير جي ماڻهن کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق، خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي، ان ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ريفرنڊم منعقد ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري پنهنجي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن ڪشمير کي ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ خصوصي حيثيت ڏني هئي. هن چيو ته حريت اڳواڻن سميت هزارين ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارت جي مختلف جيلن ۾ آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي مطالبي ۽ جدوجهد جي ڪري قيد ۾ آهن. زميني حقيقتن جي رو??ني ۾ ڪشمير تي ڀارتي دعويٰ تي هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت وٽ ڪو جواز هجي ها ته هو ڪشميرين جي نگراني جي لاءِ پنهنجي 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج کي جديد ترين هٿيار?? ۽ ??ولي بارود سان ليس انٽيليجنس نيٽ ورڪ ڪشمير ۾ نه رکي ها. هن مودي حڪومت جي ڪوڙي جو مذاق اڏائيندي چيو ته هڪ به ڪشميري ڀارت سان گڏ نه آهي، اهو ئي سبب ??و جو ڀارت صديءَ پراني مستقل رياستي رهائشي قانون کي تبديل ڪيو ۽ 30 لک کان وڌيڪ ڀارتي غيررياستي ماڻهن کي ڪشمير جو ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ ڏنو ته جيئن رياست ڄمو?? ۽ ??شمير جي مڃيل اڪثريتي ڪردار کي تبديل ڪري سگهجي. ڪشمير جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڀارت پنهنجو حدبندي جو قانون لاڳو ڪيو هو ۽ بي جي پي جي نسل پرست وڏي وزير سان گڏ هندو اڪثريت جي حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ هن ڄمون صوبي جي سيٽن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڦيرڦار ڪئي ته جيئن ڪشمير کي سيٽلائيٽ ڪالوني بڻائي سگهجي.